پنهنجي ديس جا ٻار پيارا

پنهنجي ديس جا ٻار پيارا (ڪتاب): ٻاراڻي شاعريءَ جي هن مجموعي جو شاعر وفا منظور چوهاڻ آهي. جنهن ٻاراڻي مضمون تي شاعري سرجي حمد، نعت ۽ گيت، نظم جي صنف ۾ لکيو آهي. ڪتاب ۾ ڪل 34 اسم شامل ڪيل آهن. هيءُ ڪتاب مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور پاران 2001ع ۾ هڪ هزار ڪاپين جي تعداد ۾ ڇپايو ويو. ڊيمي سائيز جي هن ڪتابچي ۾ 72 صفحا آهن، جڏهن ته 25 روپيا ملهه ڄاڻايل اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو